چولي ۾ چڻنگ

چولي ۾ چڻنگ

چولي ۾ چڻنگ

چولي ۾ چڻنگ (ڪتاب): هي ڪتاب نامور استاد ۽ شاعر خادم سنڌيءَ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو سندس وفات کان پوءِ، سنڌي ادبي سنگت، خيرپور ميرس ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل مصور ’قيوم منگيءَ‘ جو ٺهيل آهي. استاد خادم سنڌي، اقتصاديات جو پروفيسر هو. هن سماج جي باشعور فرد جي حيثيت ۾ انقلابي شاعري ڪئي، جنهن ۾ پورهيتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آواز آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ خادم سنڌيءَ بابت لکيو آهي ته، ”هي انهن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي بک ڏک، غربت ۽ بيماريءَ کان سواءِ سماجي سختين باوجود برابر لکندا رهندا آهن. خادم اول کان آخر تائين اهو لکيو، جيڪو عوام جي دلين جي ڳالهه هئي. هو پيڙيل ماڻهن جو عيوضي ۽ سچ جو ساٿاري شاعر هو. ڊيمي سائيز جي 48 صفحن جي هن مختصر مجموعي ۾ مرحوم خادم سنڌيءَ جا نظم، آزاد نظم، غزل، ڪافيون ۽ بيت شامل آهن. اپريل 1986ع ۾ ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 5 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو